Posts

Showing posts from May, 2011

سنڌ ي نياڻي ڏاڊي ڏکي آ گــھر ڌياڻي ڏاڊي ڏکي آ

Image
سنڌ ي نياڻي ڏاڊي ڏکي آ گــھر ڌياڻي ڏاڊي ڏکي آ خودڪشي ،ڪاري، رت ۾ ڳاڙھي ســـــور ڪھاڻي ڏاڊي ڏکي آ اکين ۾ جھولا چپن تي تالا ڪوٽ آکاڻي ڏاڊي ڏکي آ رھنڊون رھنڊون انگ انگ جنھنجو پـــريت پڄاڻي ڏاڊي ڏکي آ شاعري ذوالفقاربھڻ

توکان وسري وياسين

Image
من توکان وسري وياسين maan tokhan visiree viyaseen وائ Album: Public شھر جي گوڙ ۾ زندگي جي ووڙ ۾ توکان وسري وياسين ميت جيت ٿي پئي ھا منزلن جي موڙ ۾ توکان وسري وياسين رھزن رستي روڪ ڪئي سچ جي پروڙ ۾ توکان وسري وياسين سور سور ھو سڏڪيو پيار جي توڙ ۾ توکان وسري وياسين ڏينھن رات سک کي روئي نفسا نفسي ڊوڙ۾ توکان وسري وياسين شاعري؛ ذوالفقاربھڻ مھرباني عوامي آواز ياد رکڻ جي شاعري شايع ڪرڻ جي Sunday Magazine ::: Awami Awaz ::: http://magazine.awamiawaz.com/2011/24-04 ...

ZULFIQAR BEHAN VIDEOS

Image
Image
12-5-2011 غزل تنـھنجي مـرڪ جھڙو گيت لکان تنھنجي سونھن جھڙو سنگيت لکان ھر جنم بس تنھنجو ساٿ ھجي ھــڪ توکي ئي من ميت لکان ڌرتي جي گولي تي ڪيڏو سونھين ٿي سنـــڌ تنھنجي سونھن تي ويد لکان سو عمر توتان قربان، منھنجي جان توسان پنھنجوازلي رشتو کيت لکان تنھنجي لب جي لالي ڇھندڙ ھرلفظ رستـا رسـتا ٻانھون تولئه پريت لکان

Poetry Book named منھنجا خواب گلابن جھڙا Muhanja khuwab Gulaban Jahara

Image
Poetry Book named منھنجا خواب گلابن جھڙا Muhanja khuwab Gulaban Jahara ڪتاب ”منهنجا خواب، گلابن جهڙا“  جو تعارف  ادل سولنگي  انسان روز اول کان پنهنجي هستيءَ جي گوناگون مامرن پروڙڻ، پرجهڻ ۽ انهن پرولين سلڻ جا سوين جتن ڪندو آيو آهي، سندس سر تي ڇپر جنيئن ڇانيل نيرو آڪاش، پولار ۾ ترندڙ گرهه، اپگرهه، وڄڙين جا وارا، آگم ۽ اوهيڙا آرڙهه جا تپندڙ ڏينهن، سياري جون برف جهڙيون راتيون، اوماس اونداهيون،  پورنماس چانڊوڪيون پرهه جو پکيڙن جون لاٽيون، سنجهاٽاڻي آشيانن ڏانهن پکيڙن جون اڏارون، ڌرتيءَ تي اوچاين تان ڪرندڙ آبشار، نهرن ۽ ندين جا سرمدي آلاپ، شام جي شفڪ ۽ گوها گوها صبح جون لارون، ميلن ۾ پکڙيل ميدانن جون وسعتون، اوچا عظيم پربت، اڃايل واريءَ جون ڀٽون، زمين تي سرندڙ جيت ۽ تپندڙ صحرا تي ٽڙندڙ شام ۽ انهن جي وچ ۾ سوچون سرجيندڙ انسان، سندس هلاڪتن، دکن دردن ۽ سکن سرهائين وارو سپنن جو سنسار، هميشه انسان کي حيرت جي گردابن ۾ گهمائيندو رهيو آهي، سموري ڪائنات هن جي اڳيان هڪ سوالي نشان بڻجي رهي آهي، پر هيءُ انسان جو به پنهنجي لاءِ هڪ سوال هڪ معمو ۽ هڪ ڳجهه رهيو آهي، انهيءَ ڳجهه کي ڳوليندي ڪيترائي